”منهنجي صاحب جي ڌيءَ“ هڪ شاهڪار ڪتاب
رياض ابڙو
دريا خان شنباڻي ڪهاڻي کيتر ۾ هڪ معتبر نالو آ، انتهائي ڏانءَ ۽ ڏات وارو ڪهاڻيڪار جنهن کي پڙهجي ۽ پڏائجي. ڪهاڻين جي مجموعي ”منهنجي صاحب جي ڌيءُ“۾ شنباڻي صاحب جون ڪهاڻيون ست رنگي آهن، ڪهاڻيون پڙهي احساس ٿيندو ته ڪنهن انڊلٺي رنگن کي پَسي ورتو هجي ۽ ڪهاڻين جي امتزاجن مان محظوظ ٿو ٿجي. شنباڻي صاحب جي ڪهاڻين ۾ يڪساينت ناهي، اها دعويٰ آءُ مهڙ ۾ ئي ڪيان ته هن ڪتاب جي ڪهاڻين جو قد ڪاٺ نسيم کرل سان ڀيٽجي، امرجليل سان وڃي ملائجي، جمال ابڙو جي ڪهاڻين سان مقابلا ڪرائجن، يا کڻي منٽوءَ سان ڀٽجي، پر ائين نه ٿو چئي سگهجي ڇو ته شنباڻي صاحب جون ڪهاڻيون جديد ڪهاڻين جا ليپا کڻي ٿيون اچن ۽ هڪ انفراديت واريون ڪهاڻيون آهن. اها دعويٰ به غلط هوندي ته رسول ميمڻ جي ”ڪُتا“ ناول پڙهڻ کانپوءِ هن ”ڪُتا“ ڪهاڻي لکي هوندي يا منٽو جي ”کالي شلوار“ پڙهڻ کانپوءِ هن ”ماني“ ڪهاڻي سرجي هوندي، يا نورالهديٰ شاھ جي ”پارٿو گوشت“ جي پڙهڻ کانپوءِ هن جون ڪهاڻيون هليون هونديون. يا اها راءِ آهي ته هڪ رائيٽر جي من ۾ ڇا ايندو هوندو، جڏهن هو اهي سڀ رائيٽر پڙهندو هوندو، تڏهن ان جي من ۾ به ڪجھ اڀري ايندو هوندو ۽ هو انهن ڪهاڻين کان متاثر ٿي پاڻ به ڪا ڪهاڻي لکي وٺندو هوندو(جيڪا عام فنامنان آهي). عام طور تي ڪهاڻيڪار اها ڪوشش ڪندو آهي ته هو External Forces کان متاثر ٿي لکي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو به آهي ته هو Intrinsic Values جو زور تي لکي وٺندو هوندو يا گاڏڙساڏڙ.
متڪلم صيغي ۾ Possessiveness ناهي هوندي يا پڙهندڙ کي ائين لڳي ته رائيٽر جيڪا ڳالھ ڪئي آهي اها ان جي پنهنجي آهي، ان ڪري ته “متڪلم“ ۾ رڳو ”مان“ ۽ ”آءُ“ کان ڪم ٿو وٺجي، ان ڪري اهو ڪردار جيڪو ڪهاڻي منجھ آهي، اهو ڪهاڻيڪار پاڻ ئي آهي. ٻي راءِ اها به آهي ته ڪهاڻيڪار، ڪهاڻيءَ جو مضمون ۽ ٽائيٽل ان Possessiveness تي زور نه ڏين ته ڀلو، ان ڪري ته ڪهاڻي جو Social Impact مري ٿو پئي. هونءَ سڀني جي راءِ اها هوندي ته ڪتاب جو نالو ”منهنجي صاحب جي ڌيءَ“ نه هجي هان پر مورڳو ۽ رڳو ”صاحب جي ڌيءُ“ هجي هان، ته ڪهاڻيءَ جو مزو وڌيڪ هجي هان. (هونءَ ڪهاڻي لاجواب ۽ لازوال آهي) نفسيات هڪ وسيع سبجيڪٽ آهي، جيڪو سماجي طور طريقن سان منسلڪ ڪري سگهجي ٿو، جيڪو انسان جي عمل کان وٺي دماغ، اعصابن ۽ احساسن جي کوٽ يا سماجي نظامن جي خرابين، اوڻاين ۽ چڱاين تائين هر شيء کي ڍڪيندو يا ظاهر ڪندو رهي ٿو يا نفسياتي برتري جي ڳالھ به پاڙيندو رهي ٿو. ”اوليور ساڪس“ ڪيترن ئي دلچسپ ۽ عجيب شين کي قلم بند ڪيو آهي، جيڪي هن پنهنجي ادبي ڪمن ۾ هڪ نيورولوجسٽ جي حيثيت ۾ اڻيا آهن. ”ساڪس“ معاشرتي نظامن کي تمام غيرمعمولي حالتن سان مزانو ڪري ٿو. هو ثابت ٿو ڪري ته انسان جي دماغ ۾ گهڻو ڪجھ غلط ٿي سگهي ٿو، ساڪس جون انساني ذهن جي حوالي سان اهڙيون دريافتون مرڪزي حيثيت رکن ٿيون. ان ساڳي ريت ۾ ڪهاڻيڪار به پنهنجي Taste Buds يا پنهنجي ذهني لاڙن يا سوچن جي Trends ۽ Inclination کي ڏسي ٿو ته هن کي انهن Internal ۽ External Forces مان ڪهڙي شيءِ وڌيڪ لڀائي ٿي ۽ هن جي پنهنجي Writing Capacity ڇاهي؟ يا ڇا لکي سگهي ٿو، يا ڪنهن کان متاثر ٿي سگهي ٿو، ائين به ناهي ته ماڻهو ”ميڪسم گورڪي“ پڙهيو ته پاڻ به ”ميڪسم گورڪي“ ٿي ويندو يا ”دستووسڪي“ پڙهي صفا ائين ئي لکي سگهي ٿو، يا ”جين آسٽن“ کي پڙهڻ سان دماغ به اونءَ ئي ڪم ڪندس جيئن اهي رائيٽر لکي ڪم ڪري ويا. ”مارلن جيمز“ جي مطابق ته “اسان رنگن جا ليکڪ آهيون، اسان انهن رنگن تي يا انهن جي لڀاءَ تي تمام گهڻو خرچ ڪندا آهيون ته جيئن اسان محظوظ ٿيون، پر رائيٽر جي لڀاءَ جو طريقو يا Satisfaction Level يا How the Writers satiate their level of mind for creative writing کي سمجهي نه ٿو سگهجي، يا ان سائنس کي نه ٿو سمجهي سگهجي ته رائيٽر کي محبوبا لڀايو يا جيون ساٿي، شيخ اياز جي مطابق ته ”هن جي لکڻين جي محبوبا هن جي پنهنجي گهرواري هوندي هئي“.
ڪهاڻيڪارن جي Rating يا Evolution ڪرائجي، هڪ Brainstorming ڪرائجي جنهن ۾ اهو ڏسجي ته رائيٽر پلاٽنگ ڪيئن ڪئي آهي، ٽائيم اينڊ اسپيس ۾ ڪيترو پورو لٿو، تشبيهن، شبيهن، مشبھ، استعارن، ترڪيبن، اظهارن، ڪهاڻي پڻي ۾ ڪيترو پختو آهي، Commentary ڪيئن ٿو ڪري، ڪلائيميڪس ڪيئن ٿو جوڙي، ڪردارنگاري، مڪالمن، پڇاڙي ۾ ڪهاڻي کي ڪيئن ڊاهي سبق آموز ٿو ڪري، Suspense ۾ ڪيترو ماهر آهي، صيغن ۽ گرامر جي گهاڙيٽن ۾ ڪيترو ماهر آهي، منظرنگاريون ۽ ڪهاڻي کي اٿارڻ ۽ چوٽ ڪرائڻ ۾ ڪيترو ڪاريگر آهي، سيڪسزم، رومينسزم، مزاحمت، سماجيات ۽ Coherence يا Chronological Orders ۾ ڪهاڻي کي ترتيب ڪيئن ٿو ڏئي، واقعا، لمحا ۽ لقاءَ جنهن مان پڙهندڙ محظوظ ٿئي يا ٿي سگهي، اهي سڀ جُز ۽ ڪُلَ ڪيئن ويڙهي سيڙهي هڪ سيٽ اپ ۾ کڻي ٿو هلي. ان ڪري جيڪو ڪهاڻيڪار انهن سڀني لوازمات ۽ ضرورتن جو پورائو ٿو ڪري، اهو بهترين ڪهاڻيڪار آهي. هڪ ٻي ڳالھ اها به آهي ته ڪهاڻيڪار Surrealistic Approaches ۽ Fictitious ۽ Realism يا Exaggeration ۾ ڪيترو ماهر آهي، مثال سچائيءَ ۾ ڪيترو وڌاءُ ٿو ڪري ۽ وڌاءَ ۾ ڪيتري سچائي ٿو ڪري، اها ٻي ڳالھ آهي ته افسانوي رنگن کان علاوه ڪهاڻي لکڻ ممڪن ناهي، يا اهڙيون شيون يا اهڙو مواد جنهن سان معاشري جي ڀلي جي ڳالھ ڪري سگهجي ته ڪجي، ان مان مراد شهوت لکجي پر ان کي Condemnation واري زمري ۾ کڻي هلجي، شين کي نشاني يا Target نه ڪجي جو معاشرتي ليول تي رائيٽر جي ڪردارڪُشي ٿي پئي، پوءِ ڀلي ڪهاڻيون ست رنگي ٿي پون. عام راءِ اها به آهي ته سيڪس کي Promote نه ڪجي، ان سگريٽ جي دٻيءَ واري ڳالھ ڪجي جنهن تي لکيل هوندو آهي ته سگريٽ مضرِ صحت آهن پر پوءِ به پيئون يا ڇڪيون ٿا، ائين سيڪس کي به ڪهاڻين ۾ نندجي پر لکجي، پڙهجي، ان سموري ڳالھ جو تتُ رڳو شنباڻي صاحب جي ڪهاڻي ”ماني“ آهي، جنهن کي جيترو پڏائجي اوترو گهٽ آهي ۽ ”سُڪل ڌرتيءَ“ جي ٻوليءَ جي نثر جو ناچ، ۽ نثر جنهن Rhythm ۾ هلي ٿو تنهن ۾ دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته ورهاڱي کانپوءِ يا اها ٽهي جنهن اسان کي بهترين ڪتاب بخشيا (جن جا نالا مٿي ذڪر ڪيا آهن) انهن جي نثر ۽ نظمن تي اسان جهومون ٿا، ته مان شنباڻي صاحب جي لاءِ اها ڳالھ ضرور ڪندم ته هن جو نثر نچي ۽ ڪُڏي ٿو، پڙهندڙ کي وٺي ٿو هلي ۽ کيس بور يا تنگ نه ٿو ڪري پر کين سهڻو نثر آڇي ٿو ته هو شنباڻيءَ کي پڙهن.
ڪهاڻيون جي ترتيب ۾ ”عورت، عيد، خميسي جو گهر، جهنگ جو بادشاھ ۽ هيسيل هرڻي، ماني، فقير راضي، پَتي پَتي مُکڙي مُکڙي، سڃاتل اڻ سڃاتل، لڪير، سُڪل ڌرتي، گلاب گليءَ جي ڪلي، ٿڌو گهڙو، مري ويل محبتون، ٻوگهلي، منهنجي صاحب جي ڌيءُ، گڊباءِ ماءِ ڊيئر ڊاڪٽر پپا، طوائف جو جنازو، طرو، ڀوري مينهن، پيراڍُو، حجرو، ڪاري رات ڪارو منهن ۽ پراڻي محبت جو درد“ شامل آهن. ڪتاب ۾ اداري پاران (پيڪاڪ پبلشر) قمر ابڙي صاحب ڀلو لکيو آهي، ڪليم ٻُٽ صاحب جو مهاڳ انتهائي گهَرو لکيل آهي، تمام ڄاڻ وارو، ڪتاب ۾ مختيار چنو صاحب جو تبصرو، اختر حفيظ جو تاثر ۽ پنهنجي پاران انتهائي ڀلو لکيل آهي. ڪهاڻيون سڀ ڀرپور آهن، دل ٿي چئي ته هڪ هڪ ڪهاڻيءَ تي الڳ الڳ لکجي، انهن ڪهاڻين کي ”مارٽن ايف پي سيلگمين“ جي ”اٿينٽڪ هيپينيس“ وانگي ڪا پازيٽو سائڪالاجي ڏجي ۽ دعويٰ ڪجي ته ڪهاڻيون روح جي راحت آهن.
ارپنائون پنهنجن کي ڏجن ۽ ڪجن، ان ڪري ته ارپنا ڪرڻ به هڪ مڃتا آهي. اهي رائيٽر جيڪي ديسي رائيٽرن کي من ۽ عن مڃن ٿا ته اهي انهن رائيٽرن کي جيئري ئي ارپنائون ڏين. اها ڳالھ به مڃجي ٿي ته ارپنائون ڪرڻ سان ڪنهن به گذاري ويل رائيٽر جو قبر جو عذاب گھٽ نه ٿيندو، ڪافڪا، سارتر، افلاطون، جين آسٽن، ليئوٽالسٽاءِ، ميڪسم گروڪي يا ڪي ٻيا، پر اهي سڀ جون سڀ ارپنائون پنهنجن اديبن کي ڏجن جنهن سان انهن کي هڪ داد ملي سگهي، اهي سمجهن ته سندن جو ڪو اوهي واهي يا سندن سان پيار ڪرڻ وارو، انهن جي خيال رکڻ وارو اڃان ڪوئي آهي. دريا خان شنباڻي ان ڏس ۾ ڏاڍو داد لهڻي جو هن جي ارپنا ڏاڍي وڻي. ان کان اڳ ڪيئي ارپنائون پنهنجن ديسي رائيٽرن جي نالي ٿيل آهن ۽ ٿينديون رهنديون، جيڪا ڳالھ ڏاڍي ڀلي لڳندي آهي ته پنهنجي رائيٽرن کي ائين ئي داد ڏجي ۽ مڃجي ته مڃائجي به. ارپنا به محبت جي اظهار ۽ پنهنجائپ جو احساس ڀري ٿي هلي، ان ڪري شنباڻي صاحب جي هن ڪتاب ۾ ”ذلفي چاچڙ، محبوب علي چانڊيو، اظهار بالادي ۽ الطاف حسين لغاري صاحب جي نالي ٿيل آهي ۽ ارپنا جي ٻئي حصي ۾ بي سبب مظلوم فلسطينين کي به ياد ڪيو ويو آهي، ان ڪري ارپيا جي Weightage ڏاڍي ڀلي لڳي. رائيٽر جي ملڪيت ته سڀ ۽ سمورو ڪتاب هجي ٿو، پر ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي هو ڪنهن ٻئي جي راءِ کي برداشت ڪري، مهاڳ لکرائي، ڪنهن کي مڃي ۽ ڪنهن کان پاڻ مڃرائي ته ڀلو ٿيندو. ان ڪري سمورو ڪتاب ته سندس تخليق آهي، هو سموري ڪتاب ۾ پاڻ ئي پاڻ آهي، پر اتي ڪو ٻيو تعريف ڪري ته ڀلو ڇو ته ماڻهو ته پنهنجي نظر ۾ فرشتو هوندو آهي پر ٻئي جي نظر ان کي ڪجھ ٻيو سمجهندي هوندي، ان ڪري ارپنا کان وٺي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ٻين کي جاءِ ڏجي ته ڀلو آهي.
ڪهاڻي ”عورت“ ۾ شاديءَ جي رات جي ڪهاڻي پويل آهي جنهن جو Climax عورت جي ڌار ٿيڻ تي پورو ٿو ٿئي. ڪهاڻيءَ جو Diction انتهائي لاجواب آهي، پڪو، پختو، زبردست ڊائيلاگ، ۽ ڪردارن جي پنهنجي حق ۾ ڪيل Advocacy ڏاڍي بهتر لڳي. رائيٽر جي سِٽاءَ جي وري وري تعريف ڪجي، ان ڪري ته گهڻ ڪرداري کان آجي ڪهاڻي جنهن ۾ تشبيهون، استعارا، ترڪيبون ۽ منظرڪشيون ڀرپور ڏنل هجن پڙهڻ ۾ مزو ٿي ڏئي جيڪا پڙهندڙ جي Appetite آهي سا لهي ٿي وڃي ڄڻ ان جي پڙهڻ واري تاس پوري ٿيندي هجي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جنسيت ناهي ۽ نه ئي هي ڪهاڻي ڪنهن Sexism جي پارچارڪ ڪهاڻي آهي، پر سماجي نفسياست تي آڌاريل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ شادي شده عورت ۽ مرد جي نفسيات تي روشني وڌل آهي، جنهن ۾ عورت مرد جي رشتي جي ۽ گهوٽ ڪنوار جي جوڙ جي پهرين رات ۽ پوءِ جي راتين جي نفسيات ۽ رشتن جي نڀاءَ ۽ لاڳاپي کي اڀاريو ويو آهي. جنهن ۾ رائيٽر اهي سڀ لقاءَ ڏيکاريا ۽ لکي پَسايا آهن ته ڪيئن رشتن جي وچ ۾ سماجي ڏار پئجي ٿا وڃن يا هڪ مرد ۽ عورت جي نفسيات ڪيئن مختلف هجي ٿي، ڪهاڻي جي پيشڪاري ڏاڍي ڀلي لڳي، اها ڳالھ به وسعت سان چئي سگهجي ٿي ته ڪنهن ڪنهن ڪهاڻي ۾ Abusing Language جيڪڏهن ڪڍي ڇڏجي ته ڪهاڻي ٻُسي ٿي ويندي ۽ ڪهاڻي ۾ جيڪا رواني ۽ ڪردارن جي ڀَڪَ ۽ ڪروڌ هجي ٿو سو مري پوندو، ۽ پوءِ ڪهاڻي جي ڀرپور منظرنگاري نه ڪري سگهبي. ان ڪري شنباڻي صاحب جي ڪهاڻين ۾ اها ڳالھ ڀلي آهي ته هو ڪردارنگاري جي لحاظ کان ٻولي، تشبيهون، منظرنگاريون، پلاٽ، ڪهاڻي جي چوٽ ۽ ڪهاڻي جي پڇاڙي اهڙي جوڙي ٿو رکي، جو ڪهاڻي طوالت جي بنا سموري ڳالھ سمجهائي ٿي ته ڪهاڻي جو مقصد ڇا هيو ۽ پڇاڙي ۾ ڪردارن غلط ڪيو يا صحيح ڪيو يا پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪري ته ڪهاڻي جو حاصل مطلب ڇا هيو.
ڪهاڻي ”عيد“ رسمي دردن سان ٽٻيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ معيشت ۽ معاشرتي درد ڀريل آهن. پر اتي هڪ ٻيو بحث به آهي ته شيون All of Sudden نه ٿيڻ کپن، رائيٽر واقعن جي ترتيب نه ٽوڙي، مڃون ٿا ته Exaggeration ڪنهن حد تائين ڪري سگهجي ٿو، پر اهو وڌاءُ ڪوڙ نه هجي يا ممڪنات ضرور هجي پر Linkage Between the incidents پورا ڪجن، مثال Miscarriage جو ٿي پوڻ اچانڪ کڻي هجي، پر اهي منظر اوچتو نه ٿا ڏئي سگهجن، جنهن ۾ Shocking Observation ڏئي ريڊر کي منجهائي نه ٿو سگهجي، شين ۽ لقائن جي Reasoning پيدا ڪجي پوءِ ڀلي هڪ جملو جيڪو هڪ Coherence پيدا ڪري، ان ڪري اهڙا جملا جيڪي واقعن کي ڳنڍي هلن ته اهي ڏجن ته هوند ڀلو. ”گلاب گليءَ جي ڪلي“ پڙهي رائيٽر جي ڏانءَ ۽ Boldness جي ڳالھ ڪجي، ان جي اها واقعي ئي ڪاريگري آهي ته هو سيڪس جي منظرنگاري ۾ ڀلوڙ آهي، اهي منظر ائين ٿا لڳن ڄڻ ٽي وي جي سامهون ڪا انگريزي فلم هلندي هجي جنهن ۾ ڪلاسيڪيت به هجي ۽ رومانس به هجي يا Titanic وانگي گونگو رومانس به هجي يا ڀارتي ”جسم“ فلم وانگي سيڪس به هجي ۽ Condemnation به هجي پر هڪ زبردست Entertainment به هجي، جيڪا فلم کي مارڪيٽ ۾ کُپُ Sale ڪرائي ڏئي. ڪهاڻي ”ٿڌو گهڙو“ تمثيلي ۽ تضحيڪ يا هڪ ترڪيبي ڪهاڻي آهي جنهن جو عنوان ڪلائيميڪس ۾ سمجھ ۾ ٿو اچي ته ٿڌو گهڙو ڇاهي ۽ درد جي پيھ ڇاهي جيڪا ڪردار محسوس ٿا ڪن.
رائيٽر جي اندر جي آواز (احساس) کي يا ان جي ٻاهرجي آواز (تخليق) کي ڌار نه ٿو ڪري سگهجي. هر رائيٽر اهو ئي پڙهڻ چاهيندو آهي، جيڪو هو لکڻ چاهيندو آهي، جيڪا ان جي چاهنا هوندي آهي، جنهن راءِ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، يا ائين به ناهي ته ڪلاسيڪل راڳ ٻڌندڙ ڪنهن اڙيي ٿڙيي ڳائڻي کي ٻڌندو هوندو، ان ڪري پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جا به ڪي Taste Buds ٿا ٿين انهن جا به ڪجھ لوازمات هجن ٿا، جيڪي ان جي لکڻين مان پَسي سگهجن ٿا. ”ڪهاڻي “مري ويل محبتون“ هڪ بهترين ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي ٻولي ۽ منظرنگارين ۾ تمام اعلي آهي. ڪهاڻي ”ٻوگهلي“ (مان هتي پنهنجي مشاهدي جي ڳالھ ٿو ڪيان ته مان جڏهن وڏن پيرن فقيرن جي مزارن تي ويندو آهيان ته اتي بڙ جا وڻ ڳولهيندو آهيان پر سدائين کبڙ، ٻٻر، ٽالهي ۽ ڪنهن بيدمشڪ جا وڻ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر بڙ جو وڻ لڀندو ناهي يا ڪٿي هوندو به) ڪهاڻي ”ٻوگهلي“ جو هڪ ڊائيلاگ ٿا کڻون ته ”هو جڏهن قبرن جي وچ ۾ هيا ته هڪ ٻئي کي ڏسي نه سگهيا“ ٿوري ان ڳالھ ۾ Exaggeration ۽ وڌاءَ واري منظرنگاري به آهي ته ماڻهن ۾ ماڻهو لڪي سگهي ٿو يا کڻي لڪي به وڃي، ماڻهو رش يا پيھ جي ڪري هڪٻئي ئي نظر نه ٿو اچي سگهي اها ڳالھ ممڪن آهي، يا پيرن فقيرن جي ميلن ۾ ماڻهن جا انبوھ گهڻا ٿي سگهن ٿا، پر قبرن ۾ ماڻهن جو لڪڻ وارو منظر ٿورو وڌاءُ لڳو يا منظرنگاريءَ ڇَسي ٿي پئي، بهرحال، ڪهاڻي انتها درجي لاجواب آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻوگهلي ڪردارا جو درد سمجهڻ جهڙو آه جيڪو درد گونگو آ جنهن جي زبان ناهي، پر درد جي پيھ منظرنگارين ۾ اهڙي ته پويل آهي جو شنباڻي صاحب کي داد ڏجي.
ڪجھ Possessive Nouns يا Pronouns جيڪي رائيٽر کي ناهن سونهندا، مثال رائيٽر ائين نه چئي ته “ڪالھ جڏهن هوءَ هن کي ڊاڪٽر ڏي وٺي وئي (پيج نمبر 88) پر هجڻ گهرجي ته ”ٻه ڏينهن اڳ يا هڪ ڏينهن اڳ“ ان ڪري ڪردار ”اڄ، سڀاڻي، ڪالھ، هن صبح يا سڀاڻي“ چئي سگهي ٿو، پر رائيٽر ٿرڊ پرسن ۾ ڪهاڻي ٿو لکي ان ڪري صيغي جو خيال ڪري، ان سان ڪهاڻي جي Realism ۾ فرق ٿو اچي ۽ لڳي ٿو ته رائيٽر ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ ڪاهي پيو آهي ۽ ڪمينٽري ائين ٿو ڪري ڄڻ ڪا سچي خبر پڙهندو هجي پر ڪهاڻيون ڪجھ به هجي گهڻي ڀاڱي Fictitious ئي هونديون آهن جن کي جيئن جو تيئن هلڻ ڏنو وڃي (هڪڙي ادنيٰ صلاح آهي) وري ٻئي هنڌ آهي ته: ”رٽاير ٿي، رٽايري ڪري، اسان هن بنگلي جا خانداني بورچي آهيون“ يا هجڻ ائين گهرجي هان ته ”منهنجو بابا به هن بنگلي جو بورچي هوندو هيو ۽ اسان هن بنگلي جا خانداني بورچي آهيون ان ڪري ”مان“ نه چئجي پر “اسان“ چئجي ته ڀلو) وري ملندڙ جلندڙ جي معني Similarities ۾ اچي ٿي وڃي، لفظ کلڻي ملڻي Behaviors يا Attitudes ۾ ٿو اچي، ”ڀانپي“ لفظ جي جاءِ تي ”سمجهي ورتو“ هجي هان ته ڀلو، ”۽ ان جي هر ڳالھ وٺندو به آهي“ (پيج نمبر 87) پر ٿيڻ کپندو هيو ته ”بيگم صاحبه جو چيو وٺندو آهي يا ان ڳالھ مڃيندو آهي“، مثال جي ڪردار چئي ”گهسيل پٽيل“ ته چئي سگهي ٿو (پيج نمبر 88) ڇو ته ڪردار شهري آهن پر رائيٽر جو Diction سنڌي هجڻ لازمي آهي (يا باءِ لنگلول ۾ انگريزي کڻجي ته بهتر هوندو بجاءِ جو اردو کي اڳتي وڌائجي) ڪهاڻي ”گڊباءِ ماءِ ڊيئر ڊاڪٽر پپا!“ ڀلي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽري پروفيشن جي حقيقت ڏيکاريل آهي، ”طوائف جو جنازو“ ڪهاڻي انتهائي بهترين ڪهاڻي، جنهن ۾ نالي مان ظاهر آهي ته ڪهاڻي اندر ڇا هوندو، ڪهاڻي جي Knitting ڏاڍي ڀلي ٿيل آهي. ”طرو“ هڪ باگرياڻي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي عزت جي اجرت ان طرم خان کان گهرندي آهي، جنهن ۾ مڙسي ناهي هوندي پر باگرياڻي پنهنجي عزت جا پيسا وصولي ڪري ويندي آهي، شنباني جي ڪهاڻين جي Subjectivity ڏاڍي لاجوب لڳي.
سيڪس رائيٽنگ جي جيڪڏهن ڳالھ ڪجي ته هينري اسپينسر اشبي (1834-1900) ذهن ۾ ايندو. هو پاڻ هڪ ڪتاب سهيڙيندڙ، ليکڪ، ۽ ببليوگرافر هيو ۽ هن پنهنجن ٽن مهڙ جي ڪتابن ۾ پنهنجو نالو ”پيانوس فراگزي“ رکيو، جيڪو پنهنجي دور ۾ شهوت انگیز ڪتابن جو ماهر هيو. گرشون ليگمن پهريون شخص هو جنهن ”والٽر“ جي ڪتاب ”ماءِ سيڪريٽ لائيف ۾ ”ايشبي“ کي ڳولهي لڌو ۽ ٻڌايو ته ”ماءِ سيڪريٽ لائيف“ جي رائيٽر جو اصل نالو ”ايشبي“ آهي، هن 1962 ۾ ”ايشبي“ جي بائيوگرافي ٻيهر ڇپرائي، ۽ ”مائي سيڪريٽ لائيف“ جي ان مضمون کي 1966 واري ”گروو پريس ايڊيشن“ ۾ شامل ڪيو. ان ڪري سيڪس لکجي ۽ نندجي پر ان کي ڪنهن نشاني تي رکي نه لکجي ان ڪري معاشري جي ڀلائي اولين فرض آهي ته پڙهندڙ اهڙو مواد نه پڙهي جنهن سان ان جي دماغ ۾ فطور اچي پر اهڙو مواد جنهن ۾ هو برائي کي نندي ۽ ڀلائي کي اڳتي وڌائي. ڪهاڻي ”ڀوري مينهن“ ۽ پيراڊو (يا پيراٺو) پڙهي ائين لڳو ته رائيٽر وٽ ٻوليءَ جا انبار هجن، هو ڪنهن به گھاڙيٽي ۾ ۽ ڪنهن به ڪردار ۾ لهي ٿو پئي، ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ نسيم کرل جي ”چوٽيهون در“ وانگي چورن سان ياريون هجنس (نسيم کرل جي لاءِ اهو مشهور هوندو هيو ته هن جيڪو به لکيو ائين لڳندو هيو ڄڻ مرحوم پهرين پاڻ اهو هجي ايتري زبردست ٻولي جو ان جون ڪهاڻيون ورائي ورائي پڙهجن) ڪهاڻي ”حجرو“ به ملايت جي پراڻن پاپن جي ڪهاڻي آهي، ڪهاڻي ”ڪاري رات ڪارا منهن“ ۽ ”پراڻي محبت جو درد“ تمام بهترين ڪهاڻيون آهن. بهرحال دريا خان شنباڻي جون ڪهاڻيون انتهائي لاجواب، نڪور، جديد، زبردست ڪاريگريءَ واريون ڪهاڻيون آهن، جن جي جيتري تعريب ڪجي اوتري گهٽ آهي، شنباڻي صاحب ٻولي، پلاٽنگ ۽ ڪلائيمڪس ۾ انتهائي لاجواب ڪهاڻيڪار آهي، شنباڻي صاحب جون ڪهاڻيون اهڙيون آهن جو هر ڪهاڻيءَ جي Advocacy ڪجي، ان ڪري هن معاشري جي ستم ظريفين ۽ جن ڳالهين کي جيئن شنباڻي صاحب نندي ٿو شايد ئي ڪير ننديندو هجي، ان ڪري اميد آهي ته شنباڻي صاحب پنهنجي ڪاريگريءَ سان اهڙيون لاجواب ڪهاڻيون ڏيندو رهندو.
Riyaz Abro (PhD),
Sindh Madarsatul Islam University – Karach