دادو (رپورٽ:اعجاز علي سمون ) دادو لڳ ڳوٺ نبي بخش مگسي جي رهواسين عبدالخالق مگسي مسمات زهراڻي، مسمات صائمه مگسي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته 34 سال اڳ اسان سان مائٽن جهيڙو ڪيو هو جنهن ۾ منهنجو ڀاءُ عبدالستار مگسي مارجي ويو هو جنهن جو فيصلو مير نادر مگسي ڪيو هو جنهن ۾ مونکي ڀاءُ جي قتل جي معاوضي ۾ 5 ايڪڙ زمين ملي هئي جنهن زمين ۾ اسان گهر ٺاهي رهائش ڪئي آھي جنهن ۾ اسان هن مهل به رهون ٿا پر منهنجو سئوٽ عمرالدين مگسي ان 5 ايڪڙ زمين جو کاتو تبديل ڪرائي پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيو آھي هنن چيو جوابدار عمرالدين ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي گهر ۾ داخل ٿي گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي منع ڪرڻ تي تشدد ڪري منهنجي گهر واري جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي ان جو ڪيس جهلو ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي پر پوليس انهن کي گرفتار نه ٿي ڪري هنن وس وارن کان اپيل ڪئي ته ڪيس ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي،