سنڌ هاِءڪورٽ ڪراچي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن متعلق هلندڙ هڪ ڪيس ۾ مون ثبوت سان اهو معاملو رکيو ته سکر جي معصوم شاه منارو تي نوٽيس لڳل آهي ته هتي فوٽو ڪڍڻ بلڪه ڪئمرا کڻي اچڻ منع آهي . گڏوگڏ اهو به لکيل آهي ته اندر جتي پائي نٿو وڃي سگهي معني ڪنهن اسڪول جا معصوم ٻار منارو گهمڻ اچن ته 48 ڊگري گرمي ۾ پٿريلي گرم زمين تي پيرين اگهاڙا گهمن ,مناري تي چڙهن ., منارو نه ٿيو ڄڻ مسجد آ .. . مون عدالت آڏو اهو دليل رکيو ته تاج محل به مقبرو ئي آهي پر ان جو فوٽو ڪڍڻ جي منع ناهي . ٻيو ته منارو 400 سال پراڻي عمارت آهي پر صرف اهو ئي نه پر سنڌ جي ڪيترن ماڳن تي اهڙا بورڊ لڳل آهن جن تي لکيل آهي ته هتي فوٽو ڪڍڻ منع آهي . جسٽس صلاح الدين پنهور صاحب ڳالهه تي سخت ڪاوڙ ۽ حيرت جو اظهار ڪندي پڇيو ته فوٽو نه نڪرندا ته ٽوئر ازم ڪيئن وڌندو . سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ٽوئرسٽ جائن تي فوٽو گرافي منع ناهي . ڪلچر کاتي جي ڊي جي مسٽر عبدالفتح شيخ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪلچر کاتي هيٺ ڪنهن به ماڳ تي فوٽو گرافي منع ناهي پر معصوم شاه منارو سنڌ اوقاف کاتي وٽ آهي . جنهن تي مون عدالت آڏو عرض رکيو ته منارو هيريٽيج بلڊنگ آهي ان سان اوقاف کاتي جو ڪهڙو ڪم ؟ اهي دليل ٻڌڻ بعد عدالت اوقاف کاتي جي سيڪريٽري کي ٻي حاضري تي طلب ڪندي حڪم جاري ڪيو آهي ته سنڌ جي ڪنهن به تفريحي ۽ تاريخي ۽ عوامي ماڳ تي فوٽو گرافي جي مڪمل اجازت آهي ۽ معصوم شاه جي منارو تان فوٽو نه ڪڍڻ ۽ جتي لاهي اندر وڃڻ وارا نوٽيس بورڊ 7 ڏينهن جي اندر هٽائي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي ۽ مناري جي عمارت ۾ وڃڻ لاِء جتي لاهي وڃڻ جي ڪا به بندش نه ٿي لڳائي سگهجي