تڪرار تان ڀائرن پٽن جي مدد سان ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو
جڏهن ته هڪ هفتي دوران سنڌ ۾ ڀاءُ هٿان ڀاءُ جي قتل جا 3 واقعا پيش اچي چڪا، واقعن جو ڪارڻ معمولي سبب ۽ ملڪيت جا تڪرار سامهون آيا
قتل ٿيل مقتول قاسم پهوڙ جي وارثن موجب جوابدار قمر الدين ۽ هاشم پنهنجن پٽن مشتاق حفيظ ۽ ٻين جي مدد سان پنهنجي ڀاءُ قاسم کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو
ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدارن قاسم جو هٿ پير ٻڌل لاش کڏ ۾ اڇلايو، رحيم آباد پوليس کڏ مان لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو
پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ جوابدار هاشم پهوڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1