راپرٽي ليڪس ۾ پ پ اڳواڻ اويس مظفر ۽ ان جي گهر واري جي نالي تي به 2 ملڪيتون سامهون اچي ويون.
تفصيل موجب اويس مظفر ٽپي ۽ ان جي گهر واري 2 ڪمرن جو اپارٽمينٽ 2015 ۾ خريد ڪيو. اويس مظفر ۽ ان جي گهر واري جي نالي تي هڪ پلازا به گڏيل ملڪيت ۾ شامل آهي.
ان کان علاوه اويس مظفر ٽپي 2015 ۾ پلازا خريد ڪيو هو جيڪو هلندڙ سال 5:58 ملين ڊالر ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو هو.
ياد رهي ته دبئي ۾ پرڏيهين جي تقريبن 400 ارب ڊالر جي ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو آهي جن ۾ پاڪستانين جون به 11 ارب ڊالر جون ملڪيتون شامل آهن.