تحرير: طارق راڄپر
مزدور ھڪ نه کٽندڙ محنت جو نالو آھي مزدور ھڪ سچائي جي پيشي جو نالو آھي جنھن جي عظمت ۽ اھميت دنيا جا مذھب، فلاسافر ۽ اسڪالر بہ ڪن ٿا. چيو ويندو آھي تہ پورھيت خدا جو دوست آھي. حق حلال جو پورهيو بہ عبادت آھي حق حلال جو پورهيو ڪندڙ مزدور ڪڏھن بہ ڪنھن جا محتاج ناهن ٿيندا نہ ئي ڪنھن جي آڏو ھٿ ٽنگيندا آھن. ھڪ مشھور قول آھي تہ “الله بہ انھن جي مدد ڪري ٿو جيڪي پنھنجي مدد پاڻ ڪن ٿا”. اھڙيءَ طرح سان مزدور پنھنجو رت ست ڏيئي پنھنجي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان گذر سفر ڪن ٿا. مزدور غربت جي لڪير اندر صدين کان وٺي پيڙھجندي نظر آيو آھي سندن جي حقن ۽ سھولتن لاءِ آواز بلند تہ ڪيو وڃي ٿو پر مڃيل مطالبن تي عمل نہ جي برابر ٿيندو آھي. جڏھن تہ سنن ابن ماجه جي حديث نمبر 2443 ۾ اچي ٿو تہ “پورھيت کي پگھر سڪڻ کان اڳ ۾ اجورو ادا ڪيو”
اچو تہ تاريخ جي ورقن کي کولي معلوم ڪيون مزدورن آخر انقلاب کي ڪيئن جنم ڏنو؟ پھرين مئي مزدورن جي انقلابي جدوجھد جو ڏينھن آھي، جڏھن مزدورن پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جھڙوڪ گھٽ اجرت 12 کان 16 ڪلاڪن تائين ڪم وٺڻ، سڄو سڄو ھفتو ڪم ڪرڻ، موڪل نہ ڏيڻ موڪل ڪرڻ جي صورت ۾ ڏنڊ لاڳو ڪرڻ سزا ڏيڻ، صحت ء حفاظت نہ ڏيڻ، ڪنھن بہ قسم جا حق ۽ سھولتون نہ ڏيڻ ۽ 18 سالن کان ننڍڙن ٻارن کان خطرناڪ ڪوئلي جي کاڻين ۽ ٻين خطرناڪ جڳھين تي ڪم ڪار ڪرائڻ خلاف آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ احتجاج ڪيو ويو ھو. جنھن ۾ مزدورن جي پھرين ضروري گھرج ھئي تہ سندن کان اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرائڻ سميت سندن جي مزدور يونين کي مضبوط ڪري کين حق ڏيارڻ جا مطالبا شامل هئا ھن احتجاج ۾ مختلف ملڪن جي ماڻھن پڻ شرڪت ڪئي ھئي، برٽش ڪائونسل جي ويب سائيٽ مطابق چاليھ ھزار مزدور احتجاج ۾ شريڪ ھئا، پھرئين ۽ ٻئين ڏينھن پرامن طريقي سان مزدورن جو احتجاج رھيو پر ٽن ڏينھن کانپوء 4 مئي تي شڪاگو جي تجارتي علائقي ھيمارڪيٽ وٽ مزدورن جي احتجاج دوران بم گرنيڊ اڇلايو ويو. جنھن جي نتيجي ۾ ست پوليس وارا ۽ چار عام شھري مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ھئا. جنھن جو الزام مزدور ۽ انھن جي رھنمائن تي مڙھيو ويو ۽ انھن مان ھڪ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي ۽ ٽن کي معاف ڪيو ۽ چئن ڄڻن کي ان شھر جي جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي ھئي. آمريڪا جي مزدورن جي احتجاج ھڪ انقلاب کي جنم ڏنو جنھن بعد اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ ۽ ٻيون سھولتون فراهم ٿيڻ شروع ٿيون. پر اڃان تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ مزدورن سان ناانصافيون، ڏاڍايون ۽ ظلم ڪري سندن جي مزدوري ۽ ٻيا حق ھڙپ ڪيا وڃن ٿا.
آمريڪا جي 22 ۽ 24 صدر گرور ڪليولينڊ 1894ع ۾ مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو. سڄي دنيا ۾ پھرين مئي مزدورن جو عالمي ڏينھن ملھايو وڃي ٿو، جنھن ۾ مزدورن جي حقن جي لاءِ مزدور تنظيمون ۽ شھري احتجاجي ريليون پڻ ڪڍندا آھن. ڪئنادا ۽ آمريڪا ۾ سيپٽمبر مھيني جي پھرئين ھفتي جي سومر تي ملھايو ويندو آھي. نيويارڪ ۾ 1882 ۾ مزدورن جي لاءِ پريڊ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي ھئي.
پاڪستان جي اندر مزدورن جي قسمت تڏھن بھتر ٿي سگھي ٿي جڏھن وزيراعظم ، صدر، وزيرن، سينيٽرن ، ججن ۽ ايونن ۾ عوام جا فيصلا ڪندڙن جي اجرت مزدورن جي برابر ڪئي وڃي. تڏھن کين مزدورن جي پگھر جي پورھئي جو احساس ء قدر ٿيندو. گذريل سال 2023 ۾ پھرين مئي تي پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽيءَ سڪرنڊ جي چاليھ کان وڌيڪ ڊيلي ويجز ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو جن کي اڃا تائين بحال نہ ڪيو ويو آھي. جيڪي پنھنجي زندگي بک بدحالي ۽ فاقہ ڪشيءَ تي ڪاٽڻ تي مجبور آھن. سندن جو احتجاج اڄ بہ جاري ساري آھي.
دنيا جي عالمي مزدورن جي ڏھاڙي تي آئون انھن مزدورن کي سرخ سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي پنھنجي مزدوريءَ ۽ پورھئي سان سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پنھنجي گذر سفر جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رھن ٿا. مزدورن کي شڪاگو جي انقلابي مزدورن جيان پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ آواز بلند ڪرڻ گھرجي. سندن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ بيواجبين کي روڪي کين مڪمل سھولتون فراهم ڪيون وڃن. حڪومتن کي گھرجي تہ مزدورن جي اجرت وڌائي ان تي عمل ڪرايو وڃي ته اسان دنيا جي مزدورن سان شانه بشانه گڏ بيھي فخر سان چئي سگهون ته مزدور اسان جا آھن ۽ اسان مزدورن منجهان آھيون.
نوٽ:- مٿي ڏنل تاريخ جي معلومات گوگل، يوٽيوب، وڪيپيڊيا ، مئگزينن مان ڳولھا ڪري ڏني وئي آھي.
طارق راڄپر
اصغر ڪالوني سڪرنڊ
انگلش ڊپارٽمينٽ ٻيون سال ھلندڙ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شھيد بينظير آباد