محمد خالد معراج عباسي سکندری
اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ انگريز سامراج خلاف واحد حرن ئی گوريلا جنگ وڙهي جنهن ۾ ھزارين حرن وطن جي خاطر جان ۽ مال جون قربانيون ڏنيون. پنهنجي سرزمين جي آزاديءَ لاءِ حرن هڪ سئو سالن تائين انگريزن خلاف هٿياربند جدوجهد ۽ مزاحمت جاري رکي جيستائين جو پاڪستان آزاد ٿيو.
پھرین پاگاری سيد صبغت الله شاهه راشدي رحمت اللہ علیہ پنهنجي مریدن جو نالو حر رکيو ۽ کين تيار رهڻ جو حڪم ڏنو ۽ پنجاب جي سک حاکم رنجيت سنگهه جي ناپاڪ ارادن خلاف مادر وطن جي بچاءَ لاءِ هٿيار کنيا. انگريزن جي سنڌ تي حملي کان اڳ سيد احمد شهيد بريلوي 1786ع ۾ بالاڪوٽ ویندی پير جو ڳوٺ آيو ۽ پیر سيد صبغت الله شاهه راشدي (1780-1831ع) وٽ مهمان ٿي رهيو. پير پاڳاري 500 سپاهين، هٿيارن ء ٻيڙين جي صورت ۾ احمد شهيد بريلوي جي مدد ڪئي تہ بالاڪوٽ ۾ سکن جي راڄ خلاف وڙهڻ لاءِ مالي مدد پڻ ڪئي. ھو بالاڪوٽ ۾ پنهنجي سپاهين سان سخت جنگ ۾ شهيد ٿي ويو. ڪن روايتن موجب پير صاحب پاڳاري جهاد جي تياري لاءِ ھند سند م خط پٹ لکيا.
1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته ميرپورخاص جي حاڪم مير شير محمد ٽالپر ’ شير سنڌ ‘ سندن خلاف گوريلا جنگ شروع ڪئي. هو جنگ جاري رکندی ڏهن سالن بعد شهيد ٿي ويو. انهيءَ ڪري خيرپور رياست جي حاڪم مير علي مراد ٽالپر هڪ ڀيري انگريز فوجن کي خبردار ڪيو هو ته اصل ۾ شیر سنڌ نہ پر پير پاڳارو آهی جيڪو توهان سان وڙهي رهيو آهی. ياد رهي ته برطانوي حڪومت کی پير پاڳاري جي عظیم طاقت ء لکین مريدن بابت مصدقہ ڄاڻ هئي. چيو وڃي ٿو ته سيد علي گوهر شاهه راشدي (1816-1847ع) پير پاڳاري ثاني کان سواءِ سنڌ جا سمورا پير ۽ مير 24 مئي 1844ع تي بيعت ء اطاعت ڪرڻ لاءِ درٻار ۾ حاضر ٿيا. ان ڪري انگريز سرڪار حرن جي ممڪن مزاحمت کي محسوس ڪندي پير پاڳاري ۽ حر جماعت تي سخت نظر رکڻ شروع ڪئي.
حر تحريڪ ٻن مرحلن ۾ ورهايل آهي. پهرين تحريڪ 1843ع کان 1896ع تائين ۽ ٻي تحريڪ 1040ع کان 1952ع تائين.
اچو ته ٻنهي تحريڪن تي هڪ نظر وجهون.
پهرين حر تحريڪ (1843-1896ع)
پهرين حر تحريڪ يا بغاوت 1869ع ۾ دريا خان نظاماڻي جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن خلاف شروع ٿي. کيس خيرپور جي قلعي ڪوٽ ڊيجي ۾ نظربند ڪيو ويو جتان ھو فرار ٿي ویو. ان بعد بچو بادشاه ۽ پيرو وزير پنهنجن ٻارهن ساٿين سان گڏجي 1888ع کان 1896ع تائين اٺن سالن لاء سنڌ جي ضلعي سانگهڙ جي مکي بیلی ۾ سانگھڑ سرکار نالی حڪومت قائم ڪئي. 200 ڍنڍن ۽ 1124 چورس ميلن تي پکڙيل مکيءَ جو ٻيلو ٻنهي حر تحريڪن دوران حرن جو مکيه پناهه گاهه رهيو. انگريز انتظاميه، جنهن ۾ وليم هينري لوڪاس ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، بدنام زمانه ظالم انسپيڪٽر آف پوليس جولا سنگهه ۽ ٻيا شامل هئا سڀ حربا استعمال ڪيا پر سانگهڑ سرکار کي مات ڏيڻ ۾ ناڪام ويا. جولا سنگهه کي بعد ۾ پنهنجي ٻين پوليس وارن سان گڏ گهيرو ڪري قتل ڪيو ویو. انگريز سرڪار بچو بادشاه ۽ پيرو وزير کي مارڻ يا گرفتار ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي پر کين ڪا خاص ڪاميابي نه ملي. آخري حل جي طور تي، برطانوي حڪومت حرن جی روحاني اڳواڻ پير پاڳاري تي دٻاءُ وڌو ته هو بچو بادشاهه کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي هدايت ڪري. ان دوران پير پاڳاري تي ڪوڙو ڪيس به داخل ڪيو ويو. ساڳئي وقت، پير پاڳاري کي حرن جي اڪثريتي آبادي وارن ضلعن ۾ روحاني دورو ڪرڻ کان روڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته سندس دورو حڪومت خلاف مزاحمت کي اڀاري حرن ۾ آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪری رھیو ھو۔ ان موقعي تي ڪيترن ئي حرن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ وڌو ويو. تاريخي حوالن مطابق پهرين حر تحريڪ دوران هندستان ۾ حر قيدين لاءِ 11 حراستي ڪئمپون قائم ڪيون ويون. انهن قيدين ماں کجھ ڪاری پاٹي یعنی ”انڊومان“ پونا ۽ ٻين هندستاني جيلن ۾ موڪليا ويا. انگریز حڪومت پيرپاڳاري تي تمام گھٹو دٻاءُ وڌو ۽ ان سان گڏ هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارن کي معافي ڏيڻ جو اعلان پٹ ڪيو. ان وقت سندھی معززين جي هڪ وفد پير صاحب سان ملاقات ڪئي. پير صاحب بچو بادشاه کي پیغام موڪليو . پيرو وزير برطانوي فوج تي حملو ڪيو ۽ وڙهندي مارجي ويو. چيو وڃي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ بچو بادشاه هندستان جي دوري تي هو ۽ جڏهن واپس آيو ته هن کي پنهنجي روحاني مرشد پير پاڳاري طرفان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو پيغام مليو. بچو بادشاه ۽ سندس پنج ساٿي هٿيار ڦٽا ڪيا پر ان واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي انگريز سامراج کيس 10 جون 1896ع تي ساتھیوں سمیت سانگهڙ شهر ۾ سرعام ڦاهي ڏني. اهڙيءَ طرح ايندڙ ڪجهه سالن تائين تحريڪ سرد ٿي وئي. اڪثر اديبن جو خيال آهي ته پير پاڳارو ثاني سيد علي گوهر شاهه، جو ”اصغر سائين“ جي نالي سان مشهور آهي کيس انگريز سرڪار ڳجهي طرح زهر ڏنو، جنهن سبب هو وصال کري ويو.
یاد رھی تہ سيد حزب الله شاهه راشدي (1890ع) ترڪي جي خليفي سلطان عبدالحميد پاشا کي فارسيءَ ۾ خط لکي انگريز حڪومت جي ظلمن ڏانهن ڌيان ڇڪائیندی پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو۔ پير سيد علي گوهر شاهه (1858-1896ع) ۽ سيد شاهه مردان شاهه (1860-1921ع) جيترو ٿي سگهيو انگريز سرڪار خلاف تصادم واري پاليسيءَ کان پاسو ڪيو. حرن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ سانگهڙ ۾ وڏي تعداد ۾ رٽائرڊ سپاهين کي آباد ڪيو ويو هو. ان سلسلي ۾ انگريز فوجي آفيسر مسٽر جيمس پنجابين، پٺاڻن ۽ بلوچن کي وڏي تعداد ۾ حرن ڀرسان آباد ڪيو. نواب شهباز خان بگٽي جا ماڻهو به اتي آباد هئا. آبادگارن کي اهي زمينون ۽ ملڪيتون الاٽ ڪيون ويون جيڪي حر جماعت کان ضبط ڪيون ويون هيون. پنجابي ٻوليءَ ۾ چڪ جي معنيٰ ڳوٺ آهي. هر چڪ 80 بلاڪن تي مشتمل هو، جيڪو 1300 ايڪڙ زمين تي پکڙيل هو. مشهور بلوچ سياستدان سردار شير باز مزاري لکي ٿو ته انگريزن حرن جي بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ بهرام خان مزاري کان مدد گھري، ھن جی انکار تی بلوچ سردار نواب اڪبر بگٽي جي بزرگن انگريز فوجن جي مدد ڪئي۔ انعام ۾ بگٽي سردار کي سانگهڙ ۾ 23 هزار ايڪڙ زمين ڏني وئي.
ٻي حر تحريڪ (1941-1952ع)
ٻي حر تحريڪ چھین پاگاری سيد صبغت الله شاهه راشدی (1909-1943) جي گرفتاري سان شروع ٿي. هن کي پیار مان سورهيه بادشاه سڏيو ويندو آهي، جنهن جي سنڌي ٻوليءَ ۾ معنی بهادر بادشاهه آهي. سيد شاهه مردان شاهه پنجین پير پاڳاري جي وفات تي سندس ننڍو پٽ سيد صبغت الله شاهه تخت نشين ٿيو. انگريز سرڪار نوجوان پاڳاری سيد صبغت الله شاهه راشدي سان دوستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۔ سکر ۾ منزل گاهه مسجد واری فسادن دوران هندن لاءِ سندس خدمتن ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اعتراف ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر ذريعي تلوار ۽ اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نوجوان پير پاڳاري تلوار ۽ لقب وٺڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو ته مون کی انگریز حڪومت طرفان ڪنهن لقب يا تحفي جي ضرورت ناهي، الله تعاليٰ اسان کی پاگارو جو لقب ڏنو آهي جيڪو اسان لاءِ ڪافي آهي.
پير صاحب جي مزاج ۽ اٽل ارادن کي ڏسي انگريز سرڪار کيس هميشه لاء رستي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. مشهور تاريخدان ۽ ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محترمه فهميده کهڙو ۽ ڪرنل وصال محمد موجب پير صاحب عرف سورھيه بادشاه کي 1929ع ۾ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ هڪ ڇوڪر کي قيد ڪرڻ ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪوڙي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو. قائداعظم محمد علي جناح ان جو ڪيس وڙهيو پر ھو ناڪام ثابت ٿيو. پهرين ٻڌڻي کان پوءِ قائداعظم پاڻ کي ڪيس کان پري رکيو ۽ پير صاحب کي صاف صاف ٻڌايو ته انگريز سرڪار کيس سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪری چکی آهي. اها ڳالهه سو سيڪڙو سچ ثابت ٿي جڏهن عدالت پير صاحب کي ڏهن سالن جي سزا ٻڌائي. بعد ۾ اپيل تي سزا ۾ ٻن سالن جي گهٽتائي ڪئي وئی. پير صاحب ڇهه سال ڍاڪا، رتناگري، مدناپور، علي پور جي جيلن ۾ گذاريا. سزا دوران سندس سٺي رويي تي اضافي ٻن سالن جي سزا به معاف ڪئي وئي بهرحال ڇهن سالن کان پوءِ سورهيه بادشاه 1936ع ۾ آزاد ٿيو. جيل جي سختين سندس يقين کي ویتر مضبوط ڪيو، ھاٹی هو هڪ پرعزم ۽ بي خوف پير جي حيثيت ۾ اڀري آيو. جیل مان آزاديءَ کان پوءِ 1937ع ۾ حج ادا ڪيائين. عرب کان واپس اچڻ کان پوءِ حرن جو حوصلو بلند ڪرڻ ۽ انهن کي منظم ڪرڻ لاءِ ستن مهينن تائين سڄي سنڌ جو روحاني دورو ڪيائين.
1939ع ۾ ٻي عالمي جنگ شروع ٿي چڪي هئي ۽ انگريز جرمنيءَ سان جنگ ۾ مصروف هئا. پير صاحب جو خيال هو ته هي وقت مزاحمت ۽ آزاديءَ جي جنگ وڙهڻ جو آهي۔ جي ايم سيد صاحب لکي ٿو ته ”مون پير صاحب سان مسلم ليگ ۾ شموليت جی دعوت ڈیٹ لاء ملاقات ڪئي پر هن صاف انڪار ڪيو ۽ چيو ته منهنجو مشن آھی آزادي يا موت. ان کان پوءِ هن پير جو ڳوٺ سانگهڙ ۾ غازين کي ڀرتي ڪيو ۽ انهن جي مشقن ۽ جسماني تربيت جي نگراني ڪئي. جيئن تہ سورهيه بادشاهه انگريز سرڪار جي سخت نگرانيءَ هيٺ هئا. ان ڪري غلام رسول شاهه ناظم پوليس خيرپور ميرس کيس ٻيهر گرفتار ڪري ڪراچي نیو۔ کیس مير خدابخش جي بنگلي ۾ نظربند ڪيو ويو. سنڌ جي گورنر کيس ڪراچي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي پر پير صاحب پاڳارا واپس هليو ويو۔ واپسيءَ تي هن سانگهڙ جو دورو ڪيو، غازين جون لسٽون تيار ڪيون ۽ پنهنجن غير شادي شده حرن کي دعوت ڏني. نوجوان غازي ٿيڻ تي بيحد خوش ٿيا۔ اٽڪل 8000 غازين واعدو ڪيو ته سورھيه بادشاهه جي حڪم جي هر قيمت تي اطاعت ڪنداسون. ان دوران، سورهيه بادشاه کي جون 1941ع ۾ نئين گورنر، هيو دائو سان ملڻ لاءِ گھرایو ويو. هن ڀيري گورنر سورهيه بادشاه کي ڪراچي چڈی وڃڻ کان روڪيو. پاٹ ينگ وومين ڪرسچن ايسوسيئيشن هاسٽل جي سامهون بندر روڊ تي مير خدا بخش جي بنگلي ۾ رهيا. پاٹ ان وقت جي گهرو وزير سر غلام حسين هدايت الله کان به ڪجهه ڏينهن لاءِ وڃڻ جي اجازت گهري. پر ان جي برعڪس، سنڌ جي گورنر هندستان جي وائسراءِ ڏانهن خفیہ خط لکي کيس گرفتار ڪري سنڌ مان جلاوطن ڪرڻ جو مشورو ڏنو. پوءِ پير صاحب آڪٽوبر مهيني ۾ ڪراچيءَ مان واپس هليو ويو ۽ نظربندي جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي سڌو سانگهڙ هليو ويو. سورهيه بادشاه ڪمانڊرن سان ملاقات ڪري ضروري هدايتون جاري ڪيون. پوءِ هو فوري طور پير جو ڳوٺ ويو ۽ هتي به هدايتون جاري ڪيائون. ٻئي ڏينهن کيس ٻيهر بغاوت جي الزام ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. قتل جي صورت ۾ سورهيه بادشاهه اڳ ۾ ئي حرن کي هٿياربند جدوجهد جو پلان ڏئي چڪو هو. هاڻ حرن انگريز فوج خلاف هٿياربند تحريڪ شروع ڪری ڈني. انگریز فوج پير صاحب جي رهائشگاهه ۽ درگاهه جي قلعي نما ديوار تي بمباري ڪئي ۽ درگاہ جی هڪ ارب جي ملڪيت ضبط ڪئي. پیر صاحب جی خاندان کي گرفتار ڪيو ويو. اٽڪل هڪ سال کان پوءِ پير صاحب تي حيدرآباد جيل ۾ بغاوت جو ڪيس هليو. پير صاحب مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي والد سر شاهه نواز ڀٽو جي معرفت نامور وڪيل قائداعظم محمد علي جناح جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر قائداعظم اهو چئي مقدمو وڑھٹ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته وٽس وقت ناهي. نتيجي ۾ نوشهروفيروز ضلعي جي هالاڻي شهر جي رهواسي پبلڪ پراسيڪيوٽر ديئل داس سندس ڪيس وڙهيو. حيدرآباد جيل ۾ ٽن ڏينهن تائين ٽرائل جاري رهيو. سورهيه بادشاه کي سزا ٻڌائي وئي ۔ کيس 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. چيو وڃي ٿو ته ديئل داس هڪ ڀيري پنهنجي مرشد پير آف جھوڪ شريف کي چيو ھو ته سورهيه بادشاه کي عدالت سزا ٻڌائي جيتوڻيڪ مٿس ڏوهه ثابت نه ٿيو هو. سورهيه بادشاهه جي شهادت کان پوءِ حرن بغير ڪنهن هٿيار جي آزاديءَ جي جدوجهد شروع ڪئي انهن يا ته دوستن کان بندوقون گڏ ڪيون يا زبردستي ماڻهن کان بندوقون کسیون. شروعاتي ڏينهن ۾ ئی خيرپور رياست جي پوليس چيف غلام رسول شاهه تی جنهن سورهيه بادشاه کي گرفتار ڪيو هو 14 مارچ 1942ع تي حملو ڪري قتل ڪيو ويو. ان مقابلي ۾ پنج فوجي مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا، جڏهن ته 9 حر شهيد ٿي ويا. ايڇ ٽي ليمبرڪ پنهنجي ڪتاب ’دي ٽيررسٽ‘ ۾ ان مقابلي کي خوني جنگ جو نالو ڏنو آهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير اللہ بخش سومرو کي ان وقت شڪارپور ۾ حرن گوليون هڻي قتل ڪيو جڏهن هو واپس گهر وڃي رهيو هو. حرن ڪڏهن به ڪنهن عام شهري کي نشانو نه بڻايو. حرن جو چوڻ آهي ته سومرو صاحب کي انهيءَ ڪري قتل ڪيو ويو جو هن عمرڪوٽ ۾ هڪ سياسي گڏجاڻيءَ ۾ حرن خلاف بد شد گالھائی کين کليل چئلينج ڪيو ويو. ان کان علاوه حرن پوليس جي هڪ بس تي پڻ حملو ڪيو جنھن م هڪ آفيسر سميت 13 پوليس اهلڪار مارجي ويا. ان کان علاوه، مخالفن کي نقصان پهچائڻ يا برطانوي فوج جي رستي ۾ رڪاوٽ ہیدا ڪرڻ لاء ڪيترائي واهه پڻ ٽوڙيا ويا. جمڙائو ڪينال بند ٿي ويو ڪجهه حوالن موجب حرن پاروں اھڑا پنجاهه وڏا حملا ڪيا ويا. سورھيه بادشاه جي گرفتاری کان وٺي 1947ع ۾ ملڪ جي آزاديءَ تائين ستن سالن ۾ حرن ۽ انگريز فوجن جي وچ ۾ بيشمار لڙائيون ۽ حملا ٿيا.
انگريزن جي فوج حر آباديءَ تي هوائي جهازن ذريعي بہ حملو ڪيو پر انگريز سرڪار جلد ئي محسوس ڪيو ته سمورين ڪوششن جي باوجود تحريڪ ڏينهون ڏينهن زور وٺندي پئي وڃي. انگریزن جی چوٹ ٹی سنڌ حڪومت کلاک اندر ”حر سپپريشن بل“ پاس ڪیو. ۽ هندستان ۾ پهريون ڀيرو 1 جون 1942ع تي سنڌ جي حر آبادي وارن ضلعن ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو جڈھن تہ مسٽر ايڇ ٽي لئمبرڪ کي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو.
سورهيه بادشاه کي 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي، سندس لاش کي نامعلوم هنڌ تي دفنايو ويو. سندس دفن جي جاءِ انگريز سرڪار ڳجهي رکي. انگريز فوج وڏي پيماني تي هر ڳوٺ تي چڙهائي ۽ حملا ڪرڻ شروع ڪيا. حرن جي گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيائون. هزارين بيگناهه خاندانن کي بيدردي سان گرفتار ڪيو ويو. سوين حرن تي سنگين ڪيس داخل ڪيا ويا، جن کي بظاهر چالان ڪيو ويو ۽ آخرڪار سرعام ڦاهي ڏني وئي. هڪ اندازي مطابق 200 کان وڌيڪ حرن کي ڦاهي ڏني وئي. حيدرآباد ۽ سکر جيل جي ٻاهران اڄ به شهيدن جي قبرستانن جي زيارت ڪري سگهجي ٿي. حر آزادي پسندن يارنهن سالن تائين انگريز سرڪار خلاف جنگ جاري رکي. پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو. سورهيه بادشاهه جي پٽن شاهه مردان شاهه ۽ نادر علي شاهه کي آزاديءَ کان بہ پنج سال پوءِ وطن واپس آندو ويو. جيتوڻيڪ وزيراعظم لياقت علي خان کی آزاديءَ جي پهرئين ڏينهن کان ان طرف توجه ڈیاریو ويو ھو۔ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وطن عزیز پاڪستان جي حفاظت لاءِ حرن پاڪستاني فوج سان گڏ وڑهي جانيون قربان ڪيون. تاریخ 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين ۾ پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پاگارو خاندان ۽ سندن سپاهين جون قربانيون وساري نه سگهندي. زنده قومون پنهنجن قومي هيروز کي ياد ڪنديون آهن، انهن جا ڏينهن ملهائيندیون آهن ۽ انهن جي قربانين کي ياد ڪندیون آهن ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي وطن جو قدر ڪن ۽ وطن لاءِ جانیون قربان ڪرڻ کان بہ پاسو نه ڪن. بلاشڪ سورهيه بادشاهه ۽ حرن جون قربانيون ملڪ جي آزاديءَ جي تاريخ ۾ هڪ روشن باب آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي مفادن کان بالاتر ٿي 20 مارچ تي سورهيه بادشاه جي شهادت جو ڏهاڙو سرڪاري طور تي ملهايو وڃي ۽ ان کي قومی جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ته جيئن اسان جي نوجوانن ۾ قومي حمیت ۽ غيرت جو جذبو پيدا ٿئي. ۽ گڈوگڈ سورهيه بادشاهه جي لاش جي ڳولا لاء تحقيقاتي ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا سورھیہ بادشاھ جی قبر یا دفن واری جگہ کي عوام آڏو آڻي ۽ پوءِ سندس وارثن جي مرضي موجب بیھر تدفین جو پلان تيار ڪيو وڃي۔