ملڪ ۾ بجلي 4 روپيه 56 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي نيپرا بجلي مهانگي ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي. جنهن سان بجلي صارفين تي 39 ارب 80 ڪروڙ روپين جو اضافي بار پوندو.
نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بجلي صارفين کي فيبروري جي بلن ۾ اضافي ادائگيون ڪرڻيون پونديون. بجلي جي قيمت ۾ واڌ جو اعلان ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن صارفين تي نه هوندو.
ياد رهي ته نومبر جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي 4 روپيه 13 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي هئي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1