عظيم انسانن جي عظمت کي تڏهن دنيا جي تاريخ سلام ڪندي رهندي آهي، جڏھن انهن عظيم انسانن بغير مقصد جي زندگي گذاري ناهي، اُهي ڪهڙا انسان جيڪي کائي پئي، ٻار ٻچا ڄڻي، جانورن وانگر، جنهن کي نه گند جي پرواهه، نه اٿڻ ويهڻ جي تميز، بس زندگيءَ جا ڏينھڙا مٿي جو بار سمجهي يا آرام هيڏانهن کان هوڏانهن، بس وڃي پڄاڻي کي پهچن، نه دشمنن کي ڀوَ خوف نه وري دوستن کي آسرو ۽ اميد، بس پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي فڪر، ان ۾ جتان به ڪجهه ملي هڻجي اندر، پوءِ ھضم ٿئي يا موشن ۽ الٽيون اچن، ڇو جو جانور جهڙي انسان کي بس کائيڻو ئي ته آهي.
هر اهو ڪم ڪار بيڪار ۽ ويڳاڻپ جو ڪارڻ بڻجي ٿو، جنهن جي پويان ڪو ڪاز يا مقصد ناهي، هميشه قابل احترام انسان ڪنهن پروگرام لاءِ پاڻ کي ارپيندا آهن، پوءِ جيترو انهن کي حصي جو ڪم ملندو اٿن، اهو هو ايمانداري سان نڀائي هليا ويندا آهن ۽ هڪ تاريخ جوڙي ڇڏي ويندا آهن ۽ هميشه اهڙن ڪردارن کي زمانا به ياد رکيو ويٺا هوندا آهن، باقي منصب ۽ ڪرسي ڪارڻ جيئڻ مرڻ وارن کي سندن پويان به وساري ويهن ٿا، اڻ ڄاڻن جي ڀلا ڪير ڄاڻ رکندو، اهڙن بي مقصد ماڻهن جي زندگي هڪ آئي سي يو ۾ داخل ان مريض جهڙي آهي، جيڪو يا ته زندگيءَ بچائڻ لاءِ جيئڻ جي جنگ پيو ڪري، يا وري موت کي قريب ٿيڻ جو مشاهدي مان گذري پيو، اهڙي انسان کي سندن اولاد انهن جديد مشينري جي حوالي ڪري، هو پنهنجي زندگيءَ ڏانهن موٽي اچن ٿا، آخرڪار مشينري به ٿڪجي لاچار ٿي هٿ ڪڍائي ويندي آهي.
ائين هيءَ جواني جوڀن ۽ رنگ رنگينيون ۽ علمي درسگاهن کان وٺي، کيل تماشا سڀ ٽائيم پاس ڪرڻ کان پوءِ، جڏھن دنيا پنهنجي گرفت ۾ جڪڙي ٿي، پوءِ اڪيلائي ۽ بي وفائي جھوري ڇڏي ٿي، ائين جيئن هڪ مست نوجوان جي پيرسني ۾ اکيون، ڏند، ڏاٺ، گوڏا ۽ چيلهه سڀ ڪم ڪار کان ڇٽيو وڃن.
جيئن اڄڪلهه وقت حاضره جي مطابق، اوطاقن تي کٽولا ۽ انهن مٿان رليون وهاڻا، وڏيون هيبتناڪ گاڏيون، پويان ڊالن ۾ وري واندا واٺا، نه مهمان، ميزبانن کي سڃاڻن نه وري ميزبانن کي مهمانن جي ڄاڻ لاءِ ڪو لائي عمل، بس بادام ۽ بسڪوٽ، مهمانن جراثيمن کان بچڻ لاءِ ويجها بلڪل نه وڃن، باقي پنجن سالن جا بکايل، هڪڙي نچڻ ڪڏڻ واري لوڌ نسل، بس جيڪڏهن وس پڄي ته ٿانءُ ۽ ٺڪر به ائين کائي چٽ ڪري وڃن، جيئن ڪامياب ٿيڻ بعد مهمان ڀوتار، سڀ ڪجهه انهن جانورن وانگر ياجوج ماجوج وانگر عوام جو جوش به پيو وڃن، شاهه صاحب وانگر اهڙي بي مقصد زندگي ۽ ڊراما بازي کان،
ھي ھنڌ، ڀيڻيون ھاڻ،
ساڙيان سڀ ڏيھين ريءَ،
پنھل پڄاڻان، ڏجي باھ ڀنڀور کي!
فڪر فهم فراست کان سواءِ خالي کوکلو انسان، جيڪڏهن زنده به آهي تڏهن به مرده تصور ڪيو وڃي ٿو، ڪاهل ۽ واه واه پسند ۽ واه واه ڪندڙن سان گڏ بيهندڙن جو حال احوال به اهڙائي رخ اختيار ڪندو آهي، جنهن ۾ ڌڻيءَ کي پاڻ به ڪا ڄاڻ ناهي هوندي ته، ماضي ڪيئن گذريو ۽ حال ڪيئن پيو هلي، باقي مستقبل فراڊي فقيرن جي حوالي، اهڙن حوالي انسانن جي جيئڻ مرڻ سان ڪو فرق ناهي پوندو، پر انهن جو جيئڻ زمين لاءِ بار، پر قبر ۾ قرار ڪو نه ملندن.
سيد غلام حيدر شاھ قلندري