ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي وائرليس گيٽ وٽ هڪ فليٽ ۾ رهندڙ شخص پنهنجي زال ۽ 3 ٻارن کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس موجب زال، مڙس ۽ 3 ٻارن جا لاش وائرليس گيٽ شاهراهه فيصل جي فليٽ مان مليا آهن. پوليس ٻڌايو ته مقتول شخص پنهنجي زال ۽ 3 ٻارن کي تيز ڌار اوزار سان ذبح ڪيو. پوليس موجب ڪرائيم سين يونٽ کي طلب ڪيو ويو آهي. شاهديون حاصل ڪرڻ کان پوءِ لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويندا. پاڙي جي رهواسين موجب مقتول احسن رضا نوڪري مان ڪڍڻ کان پوءِ تمام گهڻو پريشان هو. ٻئي طرف لاشن ڀرسان احسن رضا جو مبينه خط مليو آهي. جنهن ۾ احسن رضا زال ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. مبينه خط ۾ احسن قتل کان پوءِ آپگهات ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. ايس ايس پي موجب احسن رضا رضوي پنهنجي زال ندا رضوي ۽ 3 ٻارن جبرائيل، ميڪائيل ۽ ٻارڙي اُم باني کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. آپگهات ڪندڙ احسن رضا گارمينٽس جو ڪاروبار ڪندو هو. 3 کان 4 مهينا اڳ مقتول کي ڪاروبار ۾ نقصان ٿيو هو. قتل ٿيل ٻارن جون عمرون 3 کان 7 سالن جي وچ ۾ آهن.