سکر(پريس رليز) سکر ۾ ناري فائونڊيشن پاران پنوعاقل جي ٻن ڳوٺن چندن مياڻي ۽ ريڊھي وڌڻ چاچڙ ۾ وومين ائگريڪلچر ورڪرس ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏجاڻيون ڪيون. ناري فائونڊيشن،آواز فائونڊيشن ۽ فورم ايشيا جي تعاون سان گڏجي سنڌ وومينز ايگريڪلچر ورڪرس رائٽس ايڪٽ 2019ع تي عمل ڪرائڻ جي حوالي سان ٺاهيل سکر ضلعي جي ڳوٺن ۾ وومين ايگريڪلچر ورڪرس تنظيمن جي عورت ميمبرن سان ٻي گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ناري فائونڊيشن جي چيئر پرسن افشان اصغر ۽ ايگزيڪٽو ڊريڪٽر انور علي مھر چيو ته ھن ميٽنگ جو مقصد عورتن کي امپاور ڪرڻ ۽ انھن کي پنهنجي حقن,تعليم, صحت,بجلي,صاف پاڻي, خوراڪ ۽ ووٽ جي اھميت بابت ڄاڻ ڏيڻ آھي, ھن پروجيڪٽ تحت ضلعي سکر جي ٻن يونين ڪائونسلن ڪوٽ بلا ۽ تماچاڻي جي چئن ڳوٺن مان 100 عورتن کي انساني حقن ,زراعت, وومين ايگريڪلچر ايڪٽ تي عمل ڪرائڻ متعلق تربيت ڏئي آگاھي مھم ھلائي رھيا آھيون ته جيئن اھي زمينن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ, ھاري تنظميون ٺاھڻ,مزدوري جي اجرت وڌائڻ ۽ پنهنجي ذاتي حفاظت جو خيال رکي سگھن. پروجيڪٽ جي پروگرام آفيسر فوزيا ۽ ناري فائونڊيشن جي ڪنسلٽنٽ شازيا عباسي چيو ته ھن پروجيڪٽ تحت ھاري ۽ مزدور عورتن جي اجرت وڌائڻ لاء ضلعي کان صوبائي سطح تائين ايڊووڪيسي مھم ھلائي رھيا آھيون ته جيئن ھاري عورتن لاء بھتر ماحول جوڙي سگهجي، ان سان گڏوگڏ ھاري عورتن، سول سوسائٽي جي نمائندن, ڊسٽرڪٽ ايڊوائيزري پينل جي ميمبرن ۽ مختلف اسٽيڪ ھولڊرس جي ڪيپيسٽي بلڊنگ پڻ ڪئي ويندي ـ ميٽنگ ۾شھزادي, زڪيا, خانزادي ۽ ٻين ھاري عورتن چيو ته ھن وقت اليڪشن جو دور آھي اسان عورتن جو ووٽ ان اميدوار کي ھوندو جيڪو اسان جي ڳوٺن ۾ بنيادي سھولتون مھيا ڪندو ۽ وومين ايگريڪلچر ورڪرس رائٽس ايڪٽ 2019ع جا رول آف بزنس ٺھرائي ان کي اسيمبلي م مان پاس ڪرائي ان تي عمل ڪرائيندو ـ