لاهور: ميانوالي مان قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ ٻيون ڀيرو جمع ڪرايا ويا آهن
بيرسٽر لاميه نيازي ۽ ايڊووڪيٽ بلال عمر بودله اين اي 89 ميانوالي جي لاءِ عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
بلال عمر بودله چيو ته حالتون سنگين هجڻ سبب ٻيون ڀيرو عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. هن چيو ته توشه خانه ڪيس جو فيصلو به معطل ٿيندو ۽ پي ٽي آءِ باني به چونڊن ۾ حصو وٺندو. بيٽ جو نشان پي ٽي آءِ کي واپس ملي ويندو. عمران خان کان سواءِ عام چونڊن کي ڪير به نه مڃيندو.
ياد رهي ته 8 فيبروري 2024 تي چونڊ شيڊول جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي ۽ اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جو عمل سڀاڻي کان شروع ٿيندو.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1