ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي 2023ع جي ضمني امتحانن لاءِ امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين سيد شرف علي شاهه جي خاص هدايت تي قائم مقام امتحانن جي ناظم خالد احسان ٻڌايو ته ميٽرڪ سائنس ۽ جنرل گروپ ريگيولر ۽ پرائيويٽ جي 2023ع جي سالياني امتحانن ۾ فيل ٿيندڙ شاگرد ضمني امتحانن لاءِ فارم بنا ليٽ فيس جي 15 نومبر کان 30 نومبر 2023ع تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا.
سمورا ريگيولر شاگرد امتحاني فارم پنهنجي تعليمي اداري جي معرفت جمع ڪرائيندا پر پرائيويٽ شاگرد پنهنجا فارم لاڳاپيل بئنڪن ۾ ذاتي طور تي جمع ڪرائي سگهن ٿا.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1