ٺارو شاهه ويجهو اغوا ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن مان هڪ کي ڏوهارين شهيد ڪري ڇڏيو، ٻيو زخمي حالت ۾ هٿ آيو
ڪيلا موري پوليس پڪٽ تي حملو ڪري اغوا ڪيل جابر راجپوت شهيد ٿي ويو، هٿياربند ٻي پوليس اهلڪار سڌير لاڙڪ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا
پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڏوهاري چوري ڪري رهيا هئا ته پوليس مزاحمت ڪئي، هٿياربند ٻنهي اهلڪارن کي هٿيارن سميت اغوا ڪري ويا هئا
پوليس موجب ڏوھارين اهلڪار جابر راجپوت کي سھڙا مائينر ڀرسان گوليون ھڻي شهيد ڪري ڇڏيو، ٻي اھلڪار سڌير لاڙڪ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا
جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪار جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ ٺارو شاهه اسپتال پهچايو ويو، پوليس عملدارن موجب ڏوھارين کي ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1