سڳيون شيعا علماءَ ڪائونسل پاڪستان صوبي سنڌ جي صدر علامه سيد اسد اقبال زيدي ۽ صوبائي نائب صدر سيد محسن علي نقوي جن امت مسلم جي وچ ۾ اتحاد، امن جي فضا قائم ڪرڻ ۽ فرقيواراڻن اختلافن کي ختم ڪري محبت جو پيغام پکيڙڻ لاءِ تعلقه صوڀوديرو جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جا دورا ڪندي سڳيون شھر آمد علائقي واسين پاران سندس استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي
تفصيل موجب شيعا علماءَ ڪائونسل پاڪستان صوبي سنڌ جي صدر علامه سيد اسد اقبال زيدي ۽ صوبائي نائب صدر سيد محسن علي نقوي صاحب جي امت مسلم جي وچ ۾ اتحاد، امن جي فضا قائم ڪرڻ ۽ فرقيواراڻن اختلافن کي ختم ڪري محبت جو پيغام پکيڙڻ لاءِ تعلقه صوڀوديرو جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جا دورا ڪيا ان موقعي تي صوبائي صدر علامہ سيد اسد اقبال زيدي سڳيون پهتو جتي سندس والهانہ استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي شيعا علماء ڪائونسل جي صوبائي صدر سيد اسد اقبال زيدي چيو تہ فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم ۽ والار خلاف آمريڪا، گڏيل قومن جي اداري ۽ يورپي يونين سميت دنيا جون سگهاريون ڌريون اسرائيل جا مددگار ۽ سهولتڪار آهن اسان انهن سڀني ملڪن کي فسلطين جي مظلوم عوام جي قتل ۾ ملوث قرار سمجهون ٿا
ان موقعي تي سڳيون جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ ذميوار فردن شرڪت ڪئي جن ۾ فقير علي ڏنو منگي، فقير ذوالفقار علي منگي، سيد منظور علي شاھ، مولوي امتياز علي سڻپال، نديم علي چنا، مولوي اعجاز علي، زوار فدا حسين سڻپال، سينگار علي ملاح، ۽ ٻين مومنين شرڪت ڪئي تمام مومنين مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد قائم رکڻ وارين ڪوششن تي علامه سيد اسد اقبال زيدي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ فرقيواراڻن اختلافن کي ختم ڪرڻ ۾ ساڻس ڀرپور ساٿ جي خاطري ڪرائي