ڪراچي (شوبز نيوز) سپر اسٽار ماهرا خان کي پنهنجي پيغام ۾ اسرائيل جو نالو نه وٺڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي
ماهرا خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي هڪ پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته آئون انهن سڀني لاءِ دعاگو آهيان، جن پنهنجن معصوم ٻارن ۽ گھرڀاتين کي وڃائي ڇڏيو آهي، جيڪي بي گھر ٿي ويا آهن، جيڪو هر وقت تڪليف ۾ گذاري رهيا آهن. اداڪارا وڌيڪ چيو ته آئون انهن ماڻهن لاءِ به دعاگو آهيان جيڪي پنهنجي ڀرسان مصيبتن بابت اڻڄاڻ آهن ۽ غلط ڄاڻ تي يقين رکندا آهن
ان ٽوئيٽ کان پوءِ ماهرا خان شديد تنقيد جي وڪڙ ۾ اچي وئي آهي ڇو جو هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اسرائيل جو نالو ناهي ورتو نه ئي مظلوم فلسطين جو نالو کڻي دعا ڪئي. ماهرا خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي هڪ واهپيدار چيو ته ماهرا پنهنجي مستقبل جي هالي ووڊ معاهدي کي خطري ۾ نٿي وجهي سگھي، ان ڪري هن اسرائيل جو نالو ناهي ورتو
واهپيدار ماهرا خان تي طنز ڪندي لکيو ته “مجبوريون هونديون آهن”. ماهرا خان واهپيدار کي جواب ڏيندي چيو ته آئون حق لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي آهيان، توهين پنهنجو وقت فلسطين لاءِ دعا ۾ استعمال ڪريو. ايڪس واهپيدارن اداڪارا تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ماهرا خان شايد اسرائيل جو نالو لکڻ وساري وئي آهي يا وري اسان انڌا ٿي ويا آهيون جو اسان کي اسرائيل جو نالو نظر ناهي اچي رهيو. واضح رهي ته فلسطين جي حمايتڪرڻ ماهرا خان جو آفيشل هينڊل “شيڊوبين” ٿي ويو آهي
ميٽا جي سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام فلسطين جي حق ۾ ڳالهائيندڙ اڪائونٽس کي “شيڊو بين” ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هيل تائين انسٽاگرام تي ڪيترن کي اڪائونٽس کي ”شيڊوبين“ ڪيو ويو آهي جن ۾ هاڻي اداڪارا ماهرا خان به شامل ٿي وئي آهي. ماهرا خان انسٽاگرام تي غزا جي معصوم ٻارن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پوسٽ شيئر ڪئي هئي جنهن جي ڪري سندس اڪائونٽ شيڊوبين (Shadow Banned)ڪيو ويو