ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار جاويد شيخ پنهنجي پهرين شادي جي ٽٽڻ جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ چيو آهي ته سندس خواهش هئي ته هو طلاق نه ڏئي ها ۽ ائين نه ٿئي ها.
جاويد شيخ جي پهرين شادي زينت منگي سان ٿي، جڏهن اداڪاره پنهنجي ڪيريئر جي عروج تي هئي.
اداڪار کي پهرين زال مان ٻه ٻار آهن، اداڪارا مومل شيخ ۽ اداڪار شهزاد شيخ، جيڪي هاڻي پاڻ ٻارن جا والدين بڻجي ويا آهن.
جاويد شيخ پنهنجي پهرين زال کي طلاق ڏيڻ کانپوءِ اداڪارا سلميٰ آغا سان ٻي شادي ڪئي پر ان سان گڏ سندس ٻي شادي به طلاق تي ختم ٿي وئي.
اداڪار ماضي ۾ به پنهنجي شادين ۽ طلاقن بابت ڳالهايو ۽ تازو هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٽي وي شو ۾ ان بابت ڳالهايو.
شو ۾ جاويد شيخ پنهنجي پهرين شادي جي ناڪامي سميت طلاق تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.
پروگرام دوران اداڪار پنهنجي ذاتي زندگي بابت به چيو ته هو راولپنڊي ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ کيس ننڍپڻ ۾ ئي اداڪار بڻجڻ جو شوق هو، ان ڪري هو اداڪار ٿيڻ لاءِ گهر کان به ڀڄي ويو هو.
سندس چوڻ هو ته هو 13 سالن جو هو ته هو گهر کان ڀڄي ويو، پر هو خوش قسمت هو ته راولپنڊي مان فرار ٿيڻ کان اڳ سندس پيءُ کيس ريلوي اسٽيشن تي پڪڙي ورتو.
هن چيو ته بعد ۾ سندس والد کيس سنڌ صوبي جي راڄڌاني ڪراچي موڪليو، جتي هن تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي، هو پنهنجي والد جي دوستن جي گهر ۾ رهندو هو.
جاويد شيخ موجب ڪراچي ۾ رهڻ دوران هن ريڊيو تي اداڪاري جا آڊيشن ڏنا، پر هو 6 ڀيرا ناڪام ٿيو، پوءِ ڪجهه مهينن کانپوءِ کيس هڪ ڊرامي ۾ مختصر ڪردار ڏنو ويو.
هن چيو ته ڪجهه عرصو ريڊيو تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ کيس ننڍي عمر ۾ ٽي وي تي اداڪاري جو موقعو مليو ۽ پهريون ڀيرو ڊرامي ۾ ٿوري وقت لاءِ نوجوان ڇوڪري جي روپ ۾ نظر آيو.
هن اداڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي صلاح ڏني ته هو ان شوق لاءِ گهر کان نه ڀڄن پر پنهنجي گهر وارن سان ڳالهيون ڪن ۽ پنهنجو ڪيريئر بهتر انداز ۾ ٺاهڻ لاءِ ٻاهر وڃن.
پروگرام ۾ جڏهن جاويد شيخ کان شادي ۽ ٻارن بابت پڇيو ويو ته هن دعويٰ ڪئي ته هو پنهنجي ۽ پهرين زال جي وچ ۾ جدائي نه پيو چاهي، پر انهن کي الڳ ٿيڻو پيو هو.
سندس موجب زال کان ڌار ٿيڻ ۽ پوءِ طلاق ٿيڻ سبب هو پنهنجي ٻارن کي سندن حق نه ڏئي سگهيو، جنهن جو کيس افسوس آهي، پر بعد ۾ هن ٻارن کي سٺو وقت ڏنو.
هن چيو ته جيتوڻيڪ سندس گهر ڊهي ويو پر سندس ٻارن جي پرورش بهتر نموني ٿي ۽ ان جو ڪريڊٽ سندس ٻارن جي ماءُ زينت کي وڃي ٿو، جنهن ڪڏهن به پنهنجي ٻارن کي پيءُ کان پري نه ڪيو.
جاويد شيخ وڌيڪ چيو ته سندس خواهش آهي ته سندس پهرين شادي طلاق تي ختم نه ٿئي ها، ڪاش ائين نه ٿئي ها، کيس افسوس آهي.