روهڙي ويجهو ڊبڙي ٿاڻي جي حد ۾ 55 ورهين جي شمن علي ساوند جو سندس ئي گهر مان لاش هٿ آيو آهي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ ھو تھ لڳي رھيو آھي تھ شمن علي گهر جي پريشانين کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون، جڏھن تھ فوتي جي ڀاءُ خادم حسين سانوند جو چوڻ ھو تھ اسان جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿياسين ته ڀاءُ خادم حسين ساوند کي گوليون لڳل ھيون، ھن چيو تھ اسان جي دشمني به هلي رهي آهي، واقعو ڪيئن پيش آيو، في الحال ايسن نٿا ٻڌائي سگهون، دبر پوليس پيرسن جو لاش تعلقي اسپتال روهڙي مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1