يوسي جيئي شاهه ٽائون وارڊ 01 پراڻي سکر جي بابن شاهه محلي ۾ عيد کان وٺي صفائي نه ٿي سگهي آهي، ان سلسلي ۾ بابن شاهه محلي جي رھواسين داھيندي چيو ته ڪچرو ۽ گندو پاڻي روڊ رستن گهرن تائين بيهجي ويو آهي، 1 مهينو اڳ بھ گندگي جو ڍير هوندو هو ۽ هاڻي عيد جي ڏينهن کان بعد گندگي ۾ وڌيڪ اظافو ٿيو آھي ۽ گندگي جي ڍير لڳل آهي، رھواسين جو چوڻ هو ته هن گندگي ۽ گندي پاڻي سبب هزارين بيماريون جنم وٺي رهيون آهن، رھواسين جو چوڻ ھو ته اسان ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن ان باوجود اڃا تائين ڪو به تدارڪ ناھي ڪيو ويو رھواسين چيو ته جيڪڏهن اسان جي شڪايتن تي عمل نه ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽ سکر جو رستو اختيار ڪنداسين ۽ پريس ڪلب سکر آڏو ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1
1